توب توف

توب توف

توب توف

توب/ توفَ: هڪ قسم جو اهڙو وڏو هٿيار، جنهن جي مدد سان بارودي گولا اڇلايا وڃن، سڀ کان پهرين ڪريسي (اتر فرانس) جي لڙائي (1346ع) ۾ هلڪين توبن جو استعمال ٿيو، توبن جي استعمال دنيا ۾ قلعن جي حفاظتي حيثيت ختم ڪري ڇڏي، هن دور ۾ تقريباً سڀئي توبون مشيني آهن، جيڪي هاڻي ٽينڪن جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن، سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ لڙائي دوران توبون استعمال ٿيون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو